لاهور: اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف جو عمران خان جي توشه خانه ڪيس ۾ سزا معطلي تي بيان سامهون اچي ويو آهي.
اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته لاڏلي جي سزا معطل ٿي آهي ختم نه ٿي آهي. اعليٰ عدليه کان پيغام ملندو ته ماتحت عدالت ڇا ڪندي چيف جسٽس جو(گڊ ٽو سي يو) ۽(وشنگ يو گڊ لڪ) جو پيغام اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تائين پهچي ويو. فيصلو اچڻ کان اڳ ئي سڀني کي خبر پئجي وئي هئي ته فيصلو ڪهڙو هوندو. اهو عدل جي نظام لاءِ فڪر جوڳو عمل آهي
شهباز شريف چيو ته اعليٰ عدليه کان واضح پيغام ملي وڃي ته ماتحت عدالت ته اهو ئي ڪندي ٻيو ڇا ڪندي. نوازشريف جي سزا يقيني بنائڻ جي لاءِ مانيٽرنگ جج لڳايو ويو هو. لاڏلي کي بچائڻ جي لاءِ پاڻ چيف جسٽس مانيٽرنگ جج بڻجي ويو.
شهباز شريف وڌيڪ چيو ته عدليه جي نظام جو اهو ڪردار تاريخ جي ڪاري باب ۾ لکيو ويندو. جهڪيل ترازو ۽ انصاف کي مجروح ڪندڙ عدل جو نظام قبول نه آهي. خانه ڪعبه جي عڪس واري گهڙي وڪرو ڪندڙ جي سامهون قانون بي وس آهي.
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته 9 مئي تي جوڊيشل ڪمپليڪس تي حملو ٿيو، پوليس تي پيٽرول بم وسايا ويا. سڀ معاف، چور ۽ رياستي دهشتگرد جي سهولتڪاري ٿيندي ته ملڪ ۾ عام ماڻهو کي انصاف ڪٿان ملندو.؟