ايمان مزاري ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

اسلام آباد: اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاريءَ جي ڌيءُ ايمان مزاري کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي

ايمان مزاريءَ حفاظتي ضمانت  لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  سان رجوع ڪيو هو

عدالت پوليس جي رمانڊ واري استدعا منظور ڪندي ايمان مزاريءَ جو 3 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو

ايمان مزاريءَ جي داخل حفاظتي ضمانت واري درخواست ۾ گھرو سيڪريٽري، آءِ  جي اسلام آباد ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو هو

گذريل ڏينهن ايمان مزاري کي آزادي بعد اڊيالا جيل ٻاهران ٻيهر گرفتارڪيو ويو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔