حڪومت کنڊ جي برآمد تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي

اسلام آباد: اقتصادي رابطه ڪميٽي کنڊ جي برآمد تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
نگران وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطه ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ کنڊ جي برآمد تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
ذريعن موجب نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وزارت جي سمري تي اي سي سي کنڊ جي برآمد تي پابندي جي منظوري ڏني.
ياد رهي ته ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت ۾ وڏي پئماني تي واڌ ٿي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔