سنڌ حڪومت پهرين سيپٽمبر تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ حڪومت پهرين سيپٽمبر تي صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صوفي بزرگ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس جي موقعي تي پهرين سيپٽمبر جمعي جي ڏينهن سنڌ ۾  عام موڪل هوندي.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پهرين سيپٽمبر تي سموري صوبي ۾ سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارا بند رهندا.  جڏهن ته وفاق طرفان موڪل جو اعلان نه ڪرڻ سبب مرڪزي بينڪ سميت ٻيون واپاري بينڪون ۽ ڪاروباري جڳهيون کليل رهنديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔