جنهن وٽ پئسو ۽ انسانيت هجي ان سان شادي ڪنديس: آمنا الياس

لاهور:من موهڻي ماڊل ۽ اداڪارا امنا الياس پنهنجي مڙس ۾ ڪهڙيون خوبيون ڏسڻ چاهي ٿي؟ تازي پروگرام ۾ پاڻ ٻڌائي ڇڏيائين

آمنا الياس رڳو 17 سالن جي عمر ۾ ماڊلنگ سان پنهنجي شوبز ڪيريئر جي شروعات ڪئي، جنهن کانپوءِ هن اداڪاري ۾ به قدم رکيو ۽ پاڻ مڃرايو

آمنا الياس تازو مومن ثاقب جي شو ”حد ڪر دي“ ۾ شريڪ ٿي، جتي هن ذاتي زندگي بابت به ڳالهايو

شادي بابت ڳالهائيندي آمنا الياس چيو ته مان اهڙي مرد جي ڳولا ۾ آهيان، جنهن ۾ سڀ کان اڳ انسانيت هجي، منهنجي خيال ۾ اهو پئسي وارو به هجڻ گهرجي، هو سٺي خاندان سان واسطو رکندڙ هجي، هو قدآور ۽ پرڪشش هجڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔