عوام هوشيار، برساتن جو نئون سلسلو اچي رهيو آهي

ڪراچي: موسميات کاتي ملڪ ۾ وڌيڪ چوماسي برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي موجب 23 کان 27 آگسٽ دوران وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهڻ جو امڪان آهي، 22 آگسٽ تي عربي سمنڊ کان چوماسي هوائون ملڪ جي مٿين علائقن ۾ داخل ٿينديون.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اسلام آباد، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان، گليات ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، 24 کان 26 آگسٽ تائين ڊي آءِ خان، بنون، ميانوالي، سرگوڌا، خوشاب، ڀڪر ۾ کنوڻ سان گڏ مينهن وسي سگهي ٿو.
تيز برساتن سبب راولپنڊي، اسلام آباد، پشاور، گوجرانوالا ۽ لاهور جا هيٺيان علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته مري، گليات، خيبر پختونخواهه، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو آهي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔