سائفر ڪيس: اسد عمر جي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي اسپيشل ڪورٽ مان ضمانت منظور

اسلام آباد: آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي تحت قائم ڪيل اسپيشل عدالت سائفر ڪيس ۾ اسد عمر جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

پي ٽي آءِ جو اڳوڻو جنرل سيڪريٽري اسد عمر سائفر ڪيس ۾ عبوري ضمانت جي لاءِ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت سان رابطو ڪيو. اسد عمر آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت اسلام آباد ۾ گرفتاري کان اڳ ضمانت جي درخواست داخل ڪئي هئي.

اسد عمر داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته منهنجي خلاف سائفر ڪيس سياسي بنيادن تي ٺاهيو ويو مون کي حراسان ۽ بليڪ ميل ڪرڻ جي حوالي سان سائفر ڪيس ٺاهيو ويو. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته سائفر ڪيس اسد عمر جي خلاف بي بنياد آهي. ڪيس ۾ لڳايل قلم غلط آهن. اسد عمر جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ تيار آهي ان ڪري سندس ضمانت واري درخواست منظور ڪئي وڃي.

سائفر ڪيس ۾ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت هڪ لک روپين جي ضمانتي مچلڪن عيوض اسد عمر جي 29 آگسٽ تائين ضمانت منظور ڪري ورتي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔