گجر ۽ اورنگي نالن جي متاثرن کي ماهوار ڪرائي جي مد ۾ رقم ڏيڻ جي سمري منظور

ڪراچي : گجر ۽ اورنگي نالن جي متاثرن کي ماهوار ڪرائي جي مد رقم ڏيڻ جي سمري منظور ڪئي وئي آهي

سنڌ جي ناڻي وارو کاتو اورنگي، محمود آباد ۽ گجر نالن جي متاثرن کي ماهوار ڪرائي جي مد ۾ هڪ ارب 24ڪروڙ جاري ڪندو

سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه نالن جي متاثرن لاءِ هڪ ارب 24 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ جي سمري منظور ڪري ورتي ھئي

گذريل ڏينهن ٻڌڻي دوران مراد علي شاهه سپريم ڪورٽ کي نالا متاثرن کي فنڊ فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو هو

نوٽيفڪيشن موجب رقم نالن جي متاثرن کي ماهوارڪرائي جي مد ۾ ادا ڪئي ويندي، سپريم ڪورٽ ڪراچي جي ٽن نالن جي متاثرن کي ماهوار ڪرايو 7 ڏينھن اندر ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو

ڪمشنر ڪراچي جي نگراني ۾ متاثرن کي رقم چيڪ جي صورت ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ طرفان فراھم ڪئي ويندي

ناڻي کاتي پاران نوٽيفڪيشن جي ڪاپي ڪمشنر ڪراچي، اين ڊي ايم اي ۽ سيڪريٽري سروسز کي اماڻي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔