ڊيرا مراد جمالي :ڊيرا مراد جمالي ۾ بجلي جي تار ڪرڻ سبب 4گهرڀاتين سميت 5 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، بلوچستان جي شهر ڊيرا مراد جمالي ۾ بجلي جي تار گهر ۾ ڪِري پئي، چئن گهرڀاتين سميت 5 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا
بجلي جي تار گهر ۾ ڪِرڻ سببب عبدالحئي شيخ، سندس زال شبيه خاتون، سندس پٽ عبدالقيوم ۽ محمد اعظم فوت ٿي ويا
گهرڀاتين جي رڙين تي پهتل پاڙيسري محمد ايوب بروهي به بجلي جي تارن ۾ وچڙي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو
چئن گهرڀاتين سميت 5 ڄڻن جي فوت ٿيڻ واري واقعي سبب علائقي ۾ ڏک وارو ماحول پکڙجي ويو