شهريار ۽ شاندانه جي گرفتاري جو ايم پي او آرڊر معطل، عدالت گهر وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن شهريار آفريدي ۽ شاندانه گلزار جي ٿري ايم پي او جي تحت گرفتاري جو حڪمنامو معطل ڪندي ٻنهي کي گهر وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

شهريار آفريدي ۽ شاندانه گلزار جي ايم پي او جي تحت گرفتاري جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار ڪئي.

شهريار آفريدي پنهنجي وڪيل شير افضل مروت سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران شهريار آفريدي قرآن پاڪ کڻي روسٽرم تي اچي ويو جڏهن ته جسٽس بابر ستار ڊپٽي ڪمشنر کي روسٽرم تي گهرائي ورتو

ڊپٽي ڪمشنر عدالت کي ٻڌايو ته 9 مئي جا واقعا سڀني جي سامهون آهن. انٽيليجنس رپورٽن موجب شهريار آفريدي اشتعال پکيڙيو. شهريار آفريدي جي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ  مٿان حملي جي منصوبه بندي ۾ ملوث هجڻ جون به رپورٽون آهن. عدليه جي خلاف مهم ۾ به ان جو نالو آيو آهي

جسٽس بابر ستار پڇاڻو ڪيو ته جيل ۾ هجڻ باوجود هن ماڻهن کي ڪيئن اشتعال ڏياريو؟ جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو ته منهنجون اکيون ۽ ڪن ته انٽيليجنس رپورٽون ئي آهن. عدالت ايس ايڇ او کان سوال ڪيو ته شهريار آفريدي جي پلاننگ بابت اوهان وٽ ڪهڙي ڄاڻ هئي؟ جنهن تي ايس ايڇ او ٻڌايو ته مان ان وقت اتي ايس ايڇ او مقرر نه هئس. ڪنهن ٻئي وٽ چارج هئي. جسٽس بابر ستار چيو ته پوءِ ته اوهان جي جان آجي ٿي وئي

جسٽس بابر ستار پڇيو ته شهريار آفريدي جي گرفتاري وقت ڊي پي او ڪير هو؟ جنهن تي لاڳاپيل ڊي پي او روسٽرم تي اچي ويو. عدالت ان کان پڇيو ته اوهان وٽ ڪهڙي ڄاڻ هئي شهريار آفريدي جي پلاننگ بابت؟ جنهن تي ڊي پي او ٻڌايو ته مان ان وقت موڪل تي ويل هئس. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊپٽي ڪمشنر کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان شوڪاز نوٽيس جو جواب فائيل ڪري ڇڏيو آهي؟ جنهن تي هن ٻڌايو ته جي بلڪل لکت ۾ جواب داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.

جسٽس بابر ستار پڇيو ته  8 مئي تي اسلام آباد ۾ ڇا ٿي رهيو هو، ڇا اوهان وٽ ڄاڻ آهي؟ انهن رپورٽن جي روشني ۾ اوهان کي پنهنجو مائنڊ اپلائي ڪرڻ گهرجي. پوليس اختياريون ٻڌائين ته 8 مئي تي اسلام آباد جي ڪهڙي صورتحال هئي.؟

آءِ جي اسلام آباد اڪبر ناصر خان عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته واقعي ٿيڻ کان اڳ خدشن جي بنياد تي ڪارروائي ڪئي وئي. اسان اهي ڪارروايون امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ جي لاءِ ڪيون.

جسٽس بابر ستار ريمارڪس ڏنا ته اسپيشل برانچ جي رپورٽ ته صرف هڪ مذاق آهي اهو نوٽيفڪيشن ڪٿي آهي جنهن تي شهريار آفريدي کي گرفتار ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. ايس ايس پي جي وڪيل طاهر ڪاظم عدالت کي ٻڌايو ته پهريون ايم پي او آرڊر ڪالعدم ڏيڻ جا سبب مختلف هئا. عدالت چيو ته نظربندي جا حڪم بعد ۾ جاري ٿيا، جڏهن ته گرفتاري پهريان ڪئي وئي، ٿريٽ  الرٽس تي ڪارروائي خدشن جي بنياد تي ئي ڪئي ويندي آهي.

جسٽس بابر ستار چيو ته عدالت آرڊر ڪالعدم قرار  ڏئي ٿي ته مٿان وري نئون ايم پي او آرڊر اچي ويندو آهي. جسٽس بابر ستار ايس ايس پي آپريشن جو جواب به غير تسلي بخش قرار ڏيندي چيو ته ايس ايس پي آپريشن تي به فرد جرم لاڳو ڪئي ويندي.

شهريار آفريدي سان اڊيالا جيل ۾ ڪنهن ڪنهن ملاقات ڪئي؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جيل سپرنٽينڊنٽ کان تفصيل طلب ڪري ورتا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد جي جواب کي غير تسلي بخش قرار ڏيندي  ان جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. جسٽس بابر ستار پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد تي چارج فريم ڪيو ويندو. جسٽس بابر ستار پڇاڻو ڪيو ته آفريدي صاحب اوهان جو ڪو گهر اسلام آباد ۾ آهي؟ جنهن تي شهريار آفريدي ٻڌايو ته جي، منهنجو  پنهنجو گهر  موجود آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شهريار آفريدي بابت ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ جو ايم پي او آرڊر معطل ڪندي کيس اسلام آباد ۾ پنهنجي رهائشگاهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. جنهن کان پوءِ عدالت شاندانه گلزار جي ايم پي او جي تحت گرفتاري جو حڪم به معطل ڪري کيس به فوري طور تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته جيڪڏهن شاندانه گلزار کي ڪجهه ٿيو ته آءِ جي ۽ چيف ڪمشنر ذميوار هوندا جڏهن ته شاندار گلزار هاڻ اسلام آباد کان ٻاهر نه وڃي سگهندي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شهريار آفريدي ۽ شاندانه گلزار جي گرفتاري خلاف درخواست جي ٻڌڻي 2 هفتن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔