وڏن فيصلو ڪري ورتو آهي چونڊون فيبروري 2024 ۾ ٿينديون: راجا رياض

اسلام آباد: اڳوڻي اپوزيشن اڳواڻ راجا رياض چيو آهي ته اسان جي وڏن فيصلو ڪيو آهي ته چونڊون فيبروري 2024 ۾ ٿينديون.

راجا رياض پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته سياسي پارٽين جي اڳواڻن ملي فيبروري ۾ چونڊن جو فيصلو ڪيو آهي. 15 فيبروري کان 2 کان 4 ڏينهن اڳ يا بعد ۾ چونڊون ٿينديون

هن چيو ته پهريان اهو چيو پئي ويو ته چونڊن کي التوا جو شڪار ڪيو ويندو پر 15 ڏينهن اڳ فيبروري ۾ چونڊن جو فيصلو ڪيو ويو. چونڊون فيبروري 2024 ۾ ٿينديون.  جيڪڏهن چونڊون آڪٽوبر ۾ ٿين ها ته نواز شريف هن وقت تائين ملڪ پهچي چڪو هجي ها.

اڳوڻي اپوزيشن اڳواڻ چيو ته ڪاغذ پينسل کڻي منهنجي اها ڳالهه لکي ڇڏيو ته 16 فيبروري کان هڪ هفتو پهرين يا 15 فيبروري جي هڪ هفتي کان  پوءِ چونڊون ٿي وينديون.

ٻئي طرف اڳوڻي گهرو وزير ۽(ن) ليگ جي اڳواڻ راڻا ثناءُالله نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو ته نگران سيٽ اپ سان  ملڪ اڳيان نٿو هلي سگهي. 9 مئي واقعن ۾ ملوث ڪنهن به ميمبر کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت نه هجڻ گهرجي.

هن چيو ته رياست تي حملو ڪندڙن کي هن رياست ۾ سياست ڪرڻ جو ڪوبه حق نه هجڻ گهرجي. نوازشريف 2 ڀيرا ملڪ کي بحران مان ڪڍيو. موجوده حالتن ۾ قوم نوازشريف جي ئي ڳالهه کي ٻڌندي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔