شهيد جان محمد مهر جو دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل: 20 شڪي گرفتار

سکر: شهيد صحافي جان محمد مهر جي قتل جو دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس شڪ جي بنياد  تي 20 کان وڌيڪ ماڻهن کي پڻ حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي

سکر جي سي سيڪشن ٿاڻي تي شهيد صحافي جان محمد مهر جي ڀاءُ ڪرم الله مهر جي فرياد تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي

ايف آءِ آر ۾ 6 سڃاتل 3 اڻ سڃاتل ۽ 7  سهولتڪارن کي نامزد ڪيو ويو آهي

ٻئي پاسي ايس ايس پي سکر دعويٰ ڪئي آهي ته شڪ جي بنياد تي 20 کان وڌيڪ ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي،اصل قاتلن جي ويجهو پهچي ويا آهيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔