نواز شريف سپٽيمبر جي وچ ڌاران پاڪستان پهچندو

لنڊن: پاڪستان مسلم ليگ ن جو قائد ۽ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف سپٽيمبر جي وچ ڌاران پاڪستان پهچندو.
شريف خاندان جي ذريعن موجب، ن ليگ قائد کي جماعت جي ڪجهه سينئر اڳواڻن طرفان سپٽيمبر جي وچ ڌاران وطن واپس ورڻ جو چيو ويو آهي.
ذريعن موجب، شريف خاندان جي وڪيلن ۽ سياسي گهڻ گهرن نواز شريف کي وچ اوڀر ۽ يورپ جي دوري کان تُرت پوءِ وطن واپسي جو مشورو ڏنو هو، پر هاڻي تصديق ڪئي وئي آهي ته نواز شريف سپٽيمبر جي وچ ڌاران پاڪستان پهچندو.
ياد رهي ته نواز شريف چار سال اڳ پاڪستان کان برطانيا علاج ڪرائڻ لاءِ آيو هو، هاڻي سندس وطن واپسي جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف ۽ مريم نواز پارٽي قائد نواز شريف جي واپسي لاءِ ساڻس مسلسل رابطي ۾ رهيا آهن، شهباز شريف پارٽي قائد سان ملاقات لاءِ ايندڙ هفتي لنڊن روانو ٿيندو.
نواز شريف سان ملاقات لاءِ ايندڙ ٽن هفتن ۾ راڻا ثناءُالله، خواجا آصف، جاويد لطيف، پرويز رشيد ۽ ٻيا به لنڊن ايندا.
ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ ريويو آف ججمنٽس اينڊ آرڊر بابت تازي فيصلي سان نواز شريف جي ڪيسن تي ڪو اثر نه پوندو.
نواز شريف جي وڪيلن سندس وطن واپسي تي قانوني دفاع جي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي جڏهن ته شهباز شريف به واضح ڪري چڪو آهي ته نواز شريف جي پنج سالا نااهلي جو مدو ختم ٿي چڪو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔