سپريم ڪوٽ تڪ بندين بابت معاملو واپس اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻي ڇڏيو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ تڪ بندين بابت معاملو واپس اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ اليڪشن ڪميشن جي سنڌ ۾ صوبائي تڪ بندين جي خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران چيف جسٽس پاڪستان ريمارڪس ڏنا ته تڪ بنديون عوامي مفاد جو معاملو آهي، سپريم ڪورٽ ۾ ڪيترائي ڀيرا تڪ بندين جو معاملو اچي چڪو آهي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن تڪ بنديون شفاف طريقي سان مڪمل ڪري، سنڌ ۾ تڪ بندين جي حساسيت وڌيڪ آهي، سنڌ مان اڪثر طور تي اهي شڪايتون اينديون رهيون آهن ته تڪ بنديون صحيح نه ٿيون آهن.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن عام چونڊون ڪڏهن ڪرائي رهيو آهي؟ جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي ڊي جي خاموشي اختيار ڪري ورتي. چيف جسٽس چيو ته مطلب ته اڃان تائين چونڊن جي ڪابه تاريخ مقرر نه ٿي آهي. اليڪشن ڪميشن چونڊن کان اڳ سمورا معاملا حل ڪري وٺي.

جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ تڪ بندين بابت معاملو واپس اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻي ڇڏيو. ياد رهي ته سنڌ ۾  صوبائي تڪ پي ايس 7.8 ۽ 9 شڪارپور جون تڪ بنديون سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيون ويون هيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔