نگران وزيراعظم جي ڪابينه لاءِ مشاورت تيز، امڪاني وزيرن جا نالا سامهون اچي ويا

اسلام آباد: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پنهنجي ڪابينه جي جوڙجڪ جي لاءِ مشاورت تيز ڪري ڇڏي آهي.

ذريعن موجب نگران وزيراعظم سمورين شخصيتن جي پروفائل جو پاڻمرادو جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪندي پنهنجي ڪابينه کي مختصر رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

ذريعن موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته معاشي پريشانين جي شڪار ملڪ تي وڌيڪ بار نٿا وجهي سگهون. منهنجو پروٽوڪول گهٽ کان گهٽ رکيو وڃي. وڌيڪ خرچ برداشت نٿا ڪري سگهون جڏهن ته عوام کي به تڪليف نه پهچي.

ذريعن موجب نگران ڪابينه جي لاءِ مختلف نالن تي غور جاري آهي جن ۾ جليل عباس جيلاني، شعيب سڊل، احسن بهون، سرفراز بگٽي ۽ ذوالفقار چيمه جا نالا غور هيٺ آهن. ذريعن ٻڌايو آهي ته اڳوڻي اطلاعات واري وزير محمد علي دراني کي اطلاعات واري وزارت ملڻ جو امڪان آهي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔