آءِ ايم ايف وفد نومبر ۾ پاڪستان جو دورو ڪندو

اسلام آباد: آءِ ايم ايف جو وفد نومبر 2023 تي پاڪستان جو دورو ڪندو. ذريعن موجب وفد پاڪستان جي جولاءِ کان سيپٽمبر تائين اقتصادي ڪارڪردگي جو جائزو وٺندو.

آءِ ايم ايف ۽ جوڙيل نگران حڪومت وچ ۾ اهم ڳالهيون ٿينديون. ڳالهين کان پوءِ 3 ارب ڊالر قرض مان 70 ڪروڙ ڊالر جي ٻئي قسط ملڻ جو امڪان آهي.

آءِ ايم ايف کان مارچ 2024 تائين 1.8 ارب ڊالر فنڊ ملڻ جو امڪان آهي. آءِ ايم ايف کان فنڊ ٻن اقتصادي جائزن جي مڪمل ٿيڻ سان جڙيل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔