9 مئي واقعن تي پي ٽي آءِ چيئرمين کي سزا ملڻ گهرجي: خورشيد شاهه

سکر: پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير خورشيد شاهه چيو آهي ته 9 مئي واقعي تي پي ٽي آءِ چيئرمين کي سزا ملڻ گهرجي.

سکر ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي سينئر پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته صادق سنجراڻي نگران وزيراعظم بڻجندو ته اها مستقبل جي سياست جي علامت هوندي. نگران وزيراعظم جي مقرري کان پوءِ خبر پوندي ته چونڊون ڪڏهن ٿينديون.

خورشيد شاهه چيو ته شهباز شريف ۽ راجا رياض ڪوشش ڪن ته معاملو اليڪشن ڪميشن ۾ نه وڃي. آئنده به اتحادي حڪومت ئي بڻجندي ڪنهن به پارٽي تي پابندي لڳائڻ جي حق ۾ نه آهيون.

9 مئي سانحي تي ڳالهيون ڪندي اڳوڻي وزير چيو ته 9 مئي واقعا سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي بدنامي جو سبب بڻيا. جنهن سان پاڪستان کي ساک کي نقصان پهتو. پي ٽي آءِ چيئرمين کي سخت کان سخت سزا ملڻ گهرجي.

ريويو ايڪٽ فيصلي تي ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو بدنيتي تي ٻڌل آهي جيڪو قومي اسيمبلي ختم ٿيڻ کان پوءِ ڏنو ويو. هنن کي اڃان تائين اها خبر نه آهي ته پارليامينٽ جو هڪ حصو سينيٽ ۾ به موجود آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔