گهرو وزير کان پوءِ دفاع واري وزير به عام چونڊون 2023 ۾ نه ٿيڻ جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله کان دفاع واري وزير خواجه آصف به عام چونڊون 2023 ۾ نه ٿيڻ جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا آهن.

نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته مون کي نٿو لڳي ته چونڊون جنوري 2024 ۾ ٿي وينديون.

هن چيو ته جيڪو به نگران وزيراعظم هوندو اهو اسان جي ڀروسي جو ماڻهو هوندو. اڄ شام تائين ان جو فيصلو ٿي ويندو.

خواجه آصف چيو ته هن وقت نگران وزيراعظم جا خواهشمند تمام گهڻا ماڻهو آهن ماڻهن  کي لڳي ٿو ته نگران سيٽ اپ ڊگهو هلندو. دفاع واري وزير چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشه خانه کان علاوه  ٻيا به گهڻا ڪيسز آهن، ٿي سگهي ٿو ته عمران خان خلاف ٻيا نوان ڪيس سامهون اچي وڃن.

ان کان علاوه دفاع واري وزير چيو ته ميان محمد نوازشريف کي سيپٽمبر تائين پنهنجي ملڪ واپس اچڻ گهرجي. ياد رهي ته ان کان اڳ گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو هو ته نگران وزيراعظم جي لاءِ حفيظ شيخ سميت ٻين نالن تي مشاورت ٿي رهي آهي اڃان تائين ڪوبه نالو فائنل نه ٿي سگهيو آهي جڏهن ته 2023 چونڊن جو سال نه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔