عمران خان جي جيل ۾ اي ڪلاس واري گُهر غيرقانوني آهي: فياض چوهاڻ

لاهور: استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ فياض الحسن چوهان چيو آهي ته چيئرمين پي ٽي آءِ جي اٽڪ جيل ۾ اي ڪلاس گهر غيرقانوني ۽ غير منطقي آهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ اڳوڻي وزير فياض چوهان چيو ته پي ٽي آءِ  حڪومت جي دور ۾ جيلن ۾ اي ڪلاس ختم ڪئي وئي هئي پي ٽي  آءِ حڪومت جيل جا قانون تبديل ڪري پاڻ اي ڪلاس ختم ڪري ڇڏي هئي.

پنجاب جيل رولز موجب هاڻ عام ڪلاس ۽ بي ڪلاس هوندي آهي، بي ڪلاس ۾ ٽي وي، بيڊ، ٽيبل، ڪرسي ۽ اخبار جي سهوليت مليل آهي.

ٻئي طرف ذريعن ٻڌايو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جيل ۾ رهڻ دوران سخت پريشان ۽ ناخوش آهي. جيل ذريعن  موجب عمران خان گذريل ڏينهن وڪيلن سان ملاقات دوران چيو هو ته مون کي ٻاهر ڪڍو، مان جيل ۾ نٿو رهڻ چاهيان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔