شاهد خاقان، حفيظ شيخ، اسلم ڀوتاڻي ۽ فواد حسن فواد نگران وزيراعظم جا اميدوار

اسلام آباد: نگران وزيراعظم جي نالن تي مشاورت لاءِ پي ڊي ايم ۽ اتحادي جماعتن جي سربراهن جو اجلاس جاري، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وڊيو لنڪ تي جاري آهي.
اجلاس ۾ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، آفتاب شير پائو ۽ ٻيا شريڪ، ذريعن موجب اجلاس ۾ نگران وزيراعظم جي نالن تي مشاورت جاري، نگران سيٽ اپ جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويندا.
نگران وزيراعظم لاءِ اڳوڻي وفاقي وزير حفيظ شيخ، شاهد خاقان عباسي، اسلم ڀوتاڻي ۽ فواد حسن فواد سميت ٻين نالن تي غور ڪيو پيو وڃي.
نگران سيٽ اپ تي مشاورت ٻن ڏينهن تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي، ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف پي ڊي ايم ۽ اتحادي جماعتن کي اعتماد ۾ پڻ وٺندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔