آدمشماري نتيجن جي منظوري لاءِ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ جي سمري اماڻي وئي

اسلام آباد: منصوبه بندي ۽ ترقي واري وزارت 2023 ۾ ٿيندڙ پهرين ڊيجيٽل آبادي ۽ هائوسنگ آدمشماري جي منظوري لاءِ گڏيل مفادن واري ڪائونسل(سي سي آءِ) جو اجلاس گهرائڻ لاءِ سمري اماڻي ڇڏي آهي.

پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس(شماريات کاتي) آدمشماري مڪمل ڪري ان جا نتيجا به مڪمل ڪري ورتا آهن جنهن کي هاڻ منظوري ۽ رهنمائي جي لاءِ سي سي آءِ ڏانهن اماڻيو ويو آهي

اعليٰ سرڪاري ذريعن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته منصوبه بندي واري وزارت طرفان اماڻيل سمري جي ذريعي سي سي آءِ سيڪريٽريٽ/ڪيبينيٽ ڊويزن کي آگاهه ڪيو ويو آهي. آدمشماري جو سمورو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي.

سرڪاري سمري تيار ڪرڻ ۽ پوءِ اماڻڻ جو فيصلو واضح طور تي ظاهر ڪري ٿو ته حڪومت پنهنجو مدو پورو ٿيڻ کان اڳ سي سي آءِ جو اجلاس گهرائڻ جي لاءِ پوري طرح تيار آهي ان کان اڳ سي سي آءِ جو اجلاس 2 آگسٽ 2023 تي گهرائڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه ٿي هئي پر ائين نه ٿي سگهيو هو. هاڻ نتيجن جي منظوري لاءِ سمري سي سي آءِ ڏانهن اماڻي وئي آهي جنهن سان ايندڙ عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي حوالي سان وزيراعظم شهباز شريف جي تازي ڏنل بيان کان پوءِ پيچيدگيون پيدا ٿي ويون آهن.

آدمشماري جا نتيجا پيش ڪرڻ جي حوالي سان 3 امڪان پيدا ٿي سگهن ٿا. يا ته سمورن اسٽيڪ هولڊرز طرفان ڏنل سنگين خامين جي آڌار تي نتيجا روڪيا وڃن يا پوءِ نتيجن جي منظوري کان پوءِ تڪ بنديون ڪرائڻ جي نتيجي ۾ دير ٿي سگهي ٿي.

ٽيون امڪان اهو ٿي سگهي ٿو ته هڪ ڪميٽي جوڙي سمورن معاملن کي مناسب انداز سان حل ڪيو وڃي جيڪو سمورن اسٽيڪ هولڊرز لاءِ قبول ڪرڻ جوڳو هجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔