آئين جي پابندي سڀني کان وڌيڪ چيف جسٽس تي لاڳو ٿئي ٿي: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد: قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل مشاورت سان ٺاهيو ويو. آئين جي پابندي سڀني کان وڌيڪ چيف جسٽس تي لاڳو ٿئي ٿي.

فيڊرل جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ پاڪستان بار ڪائونسل جي بلاڪ جي افتتاح جي موقعي تي قانون واري وزير چيو ته اڄ پنهنجي ڀينرن ڀائرن سان ڪيل واعدا  پورا ڪري ڇڏيا آهن هن عهدي تي منهنجي اولين ترجيح پنهنجي برادري جي مسئلن کي حل ڪرڻ هو.

اعظم نذير تارڙ چيو ته وزيراعظم جي حڪم موجب ڪجهه بل اهڙا آهن جن تي قانون واري وزارت غور ڪندي. تڪڙ ۾ ڪيل فيصلن تي عمل نه ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته مان ڏينهن ڳڻي رهيو آهيان ته واپس وڪيلن سان گڏ بار ۾ اچي چانهه پيئان ۽ پريڪٽس ڪريان.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔