ڳالهيون گهڻيون ٿي ويون، هاڻ عمل سان ترقي جا حدف حاصل ڪرڻا آهن: وزيراعظم

اسلام آباد:وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڳالهيون گهڻيون ٿي ويون آهن، هاڻ پنهنجي عمل سان ترقي جا حدف حاصل ڪرڻا آهن.

وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ منعقد پاڪستان منرلز سمٽ ڊسٽ ٽو ڊوالپمينٽ جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته منرل سمٽ جو مقصد پرڏيهي سرمائيڪاري کي هٿي ڏيڻ آهي. سعودي وزير معدني وسيلن جي اهميت تي بهترين ڳالهيون ڪيون. سعودي وزير جي پاڪستان بابت جذبات جو قدر ڪريون ٿا

وزيراعظم چيو ته 70 جي ڏهاڪي ۾ روس جي ڀائيواري سان پاڪستان اسٽيل مل جو قيام عمل ۾ آندو ويو. ڪرپشن هن شعبي جي ترقي ۾ وڏي رڪاوٽ بڻي. نيب به ماڻهن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائيندو رهيو. ڪرپٽ ماڻهن جي ڪرپشن کي نظر انداز ڪيو ويو. مسئلن جو غير روايتي حل ڏيندڙ ماڻهو به نيب جو شڪار ٿي ويا.

وزيراعظم چيو ته اسان پاڪستان سان 75 سال ظلم ڪيو آهي. غريب عوام سان زيادتي ڪئي وئي انهن کي حق نه ڏنا ويا. بدقسمتي سان اڄ معاشرو ورهائجي چڪو آهي. مون ماضي ۾ به هميشه پنهنجي داستان سامهون رکي آهي.

شهباز شريف وڌيڪ چيو ته اسان کي هن مهيني پنهنجو مدو پورو ڪري گهر وڃڻو آهي. اسان کي ماضي جي غلطين مان سبق سکي اڳيان وڌڻو آهي. محنت ۽ جذبي سان اسان پنهنجي منزل حاصل ڪري سگهون ٿا. اسان کي پنهنجو وقت توانائي ۽ عوام جي بهبود لاءِ خرچ ڪرڻو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔