عام چونڊون ڊگهي وقت تائين ملتوي ٿي سگهن ٿيون: منظور وساڻ وڏي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي: سنڌ جي زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ هڪ دفعو ٻيهر وڏي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته عام چونڊن ۾ دير ٿيندي. وقت تي چونڊون ٿيندي نظر نٿيون اچن. ٿي سگهي ٿو ته چونڊون  ڊگهي وقت تائين ملتوي ٿي وڃن.

منظور وساڻ نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو آهي ته عام چونڊون وقت تي ٿيندي نظر نه پيون اچن انهن ۾ دير ٿيندي. چونڊن جي التوا ۾ انٽرنيشنل طاقتن ۽ قرض ڏيندڙن جو اهم ڪردار ٿي سگهي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته چونڊون ڊگهي وقت تائين ملتوي ٿي وڃن. ممڪن آهي ته نگران سيٽ اپ 3 مهينن کان 2 سالن تائين هليو وڃي.

صوبائي وزير چيو ته چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي خلاف متحده قومي موومينٽ پاڪستان، گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس ۽ جمعيت علماءِ اسلام جو الائنس به بڻجي سگهي ٿو. الائنس ٺاهڻ ۾ مولانا فضل الرحمان جو اهم ڪردار هوندو. اسان جي خواهش آهي ته بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم بڻجي.

منظور وساڻ وڌيڪ چيو ته مون کي ايندڙ ڏينهن بهتر نظر اچي رهيا آهن. هن هفتي ۽ ايندڙ 2 مهينن دوران وڏين مڇين جو احتساب ٿيندو. وزيراعظم يا وڏا وزير سياسي نه هوندا. ڪنهن به وقت وڏو سرپرائيز اچي سگهي ٿو.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔