سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات

ڪراچي:سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات، سکر، لاڙڪاڻو، دادو، شهدادڪوٽ، ميهڙ ۽ ڪي اين شاهه ۾ تيز هوا سان وسڪارو پيو

 قمبر، جوهي، پير جو ڳوٺ، ڀان سيد آباد، روهڙي، پيارو اسٽيشن ۽ ڦلجي اسٽيشن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز هوا سان برسات پئي

 گاجي کهاوڙ، نصير آباد، مبارڪپور، نئون ديرو، ڪنڌرا، ٽنڊو رحيم خان، پکو ۽ ڀرپاسي برسات پئي

 بجلي ۽ مواصلاتي نظام ڊانواڊول ٿي ويو، برسات انتظاميا جي دعوائن جي پت وائکي ڪري ڇڏي، اڪثر علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو

 ٺل شهر جي بازارن ۽ مختلف پاڙن ۾ بيٺل برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، دڪاندارن ۽ رهواسين جي دانهن باوجود انتظاميا تحرڪ نه ورتو

 ڪاڇي جي 4 يونين ڪائونسلن جو 2 هفتا گذرن باوجود شهرن سان زميني رابطو بحال نه ٿيو، انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندا غائب، ڪاڇي واسي ٻيڙين ذريعي شهرن ڏانهن وڃڻ تي مجبور بڻيل آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔