پاڪستان پيپلز پارٽي پاران گذريل چونڊن ۾ بيوفائي ڪندڙن کي ٽڪيٽ نه ڏيڻ جو فيصلو

لاهور: پاڪستان پيپلز پارٽي گذريل چونڊن ۾ بيوفائي ڪندڙن کي پارٽي جي ٽڪيٽ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

پارٽي ذريعن موجب اهو فيصلو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ ڪوٺايل اجلاس ۾ ڪيو ويو. فيصلي جي زد ۾ ايندڙن ۾ وڏا وڏا نالا شامل آهن جن سياسي اڳواڻن پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ حاصل ڪري ريٽرننگ آفيسر ڏانهن جمع نه ڪرائي هئي انهن ۾ فردوس عاشق اعواڻ، قيوم جتوئي فيملي، شوڪت بسرا، نوشير لنگڙيال، ڪاشف نويد پنسوته، ڊاڪٽر جاويد گنجال سميت ٻيا شامل آهن

ذريعن موجب انهن سمورن اڳواڻن پارٽي ۾ ٻيهر شموليت جي لاءِ سينئر پارٽي اڳواڻن کان سفارشون ڪرايون آهن پر بلاول ڀٽو انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته اهي سمورا اڳواڻ پيپلز پارٽي ڇڏي تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي ويا هئا.

پ پ چيئرمين جي هدايت تي اميدوارن جي فهرست ۾ پارٽي ڇڏيندڙن جا نالا  شامل نه پيا ڪيا وڃن ۽ انهن کي معافي به نه ڏني ويندي. ذريعن چيو آهي ته اهڙي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ آصف زرداري، يوسف رضا گيلاني، مخدوم احمد محمود، نيئر بخاري، عبدالقادر شاهين، رخسانه بنگش ۽ سينئر اڳواڻ شامل هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔