پاڪستان کي دنيا جي ڪابه طاقت ترقي کان نٿي روڪي سگهي: آرمي چيف

اسلام آباد: آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته زرعي سڌارن سان پاڪستان جي معيشت هڪ سال ۾ درست رخ ۾ اچي ويندي، پاڪستان بابت مايوسي واريون ڳالهيون ڪندڙ غلط پروپيگينڊا ڪري رهيا آهن.
اسلام آباد ۾ فوڊ سيڪيورٽي جي حوالي سان سيمينار کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته پاڪستان ۾ ماڻهو مايوسي ۽ حوصلو ٽٽڻ ون ڳالهيون ڪن ٿا پر ائين ناهي.
سيمينار دوران تقرير ۾ وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۾ ٻئي زرعي انقلاب جي منصوبي گرين پاڪستان انيشييٽو جو افتتاح ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۾ آرمي ۽ ٻين ادارن جي سهڪار سان زراعت جي شعبي ۾ وڏي تبديلي ايندي.
چيف آف آرمي اسٽاف چيو ته پاڪستان آبادي جي حوالي سان پنجون وڏو ملڪ آهي جيڪو ڀرپور وسيلن سان مالامال آهي. پاڪستان هاڻي به کير جي پيداوار ۾ ڇهين نمبر تي آهي، ڪڻڪ ۾ ستون وڏو ملڪ آهي. چاغي ۽ ريڪوڊڪ مان فائدو حاصل ٿي وڃي ته پاڪستان پتل جي پيداوار ۾ نمبر هڪ بڻجي ويندو.
آرمي چيف جي جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ تقرير دوران ملڪ مان هاري وڏي انگ ۾ آيل هئا جن کي حڪومت جي نئين زرعي منصوبي گرين پاڪستان انشييٽو جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو.
اهو پهريون موقعو هو جو جنرل عاصم منير آرمي چيف طور وڏي ميڙاڪي کي سڌي ريت خطاب ڪيو جنهن ۾ صحافي، سفارتڪار، وفاقي وزير، هاري، استاد ۽ ماهر شامل هئا.
پنهنجي تقرير جي شروعات ۾ هن هارين کي مخاطب ڪندي چيو ته تقريب ۾ سفارتڪار موجود آهن، ان لاءِ کين ڪجهه ڳالهيون انگريزي ۾ ڪرڻيون پونديون.
هن ڪجهه دير انگريزي ۾ ڳالهائڻ بعد اردو ۾ خطاب شروع ڪندي چيو ته اڄ مان هڪ مسلمان طور اوهان سان ڳالهائيندس.
هن بعد ۾ قرآني آيت پڙهي پاڪستان جي حالتن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته قرآن ۾ خدا مسلمانن کي مايوسي کان منع فرمايو آهي.
سندس چوڻ هو ته هڪ مسلمان ٻن حالتن ۾ ئي رهي ٿو، ڏکيائي هجي ته صبر ڪندو آهي ۽ سٺيون حالتون هجن ته شڪر ڪندو آهي.
جنرل عاصم منير جڏهن قرآني آيتن جي تلاوت ڪرڻ شروع ڪئي ته حال ۾ الله اڪبر جا نعرا لڳا، هن نعرن بعد ڳالهه جاري رکندي چيو ته مان نه مولوي آهيان نه ملا پر مان اهو به پنهنجي لاءِ سکيو آهي، ڪڏهن ٻڌائيندس ته ڇو سکيو آهي.
آرمي چيف چيو ته غزوه احد ۾ بظاهر شڪست بعد مسلمان مايوس ٿيا ته آيتون نازل ٿيون. هن آيتون پڙهي انهن جو ترجمو ڪندي ٻڌايو ته الله مسلمانن کي چيو ته مايوس نه ٿيو ۽ غم نه ڪيو، اهي ئي غالب ٿيندا جيڪڏهن ايمان تي قائم رهيا.
آرمي چيف چيو ته وزيراعظم زرعي منصوبي جي شروعات ڪئي آهي ان تي پاڪستان آرمي سندس مڪمل ساٿ ڏيندي. هن منصوبي تي عمل درآمد سان ملڪي معيشت هڪ سال ۾ صحيح رخ ۾ اچي ويندي.
جنرل عاصم منير چيو ته اسان سڀ هتي پاڪستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر سرسبز ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون، اسان باصلاحيت قوم آهيون، ضرورت رڳو ان امر جي آهي ته اسان گڏجي ملڪ جي ترقي ۾ حصو وجهون.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي ترقي جي منزل طئي ڪرڻي آهي ۽ دنيا جي ڪابه طاقت ان کي ترقي ڪرڻ کان نٿي روڪي سگهي. اسان وٽ هر قسم جو پوٽينشل موجود آهي جيڪو پاڪستان کي عروج تي کڻي ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔