حريم شاهه جا فضل الرحمان تي سنگين الزام، وڊيو جاري ڪري ڇڏي

مشهور ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه جي يو آءِ سربراهه فضل الرحمان خلاف هڪ ٻي وڊيو جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ هوءَ عمران خان جي حمايت ڪري ٿي

وڊيو بيان ۾ حريم شاهه چيو ته مولانا فضل الرحمان کي مولانا چوڻ ئي نه گهرجي، هن چيو ته فضل الرحمان خلاف مون وڊيو ٺاهي هئي جنهن بعد هن جي ڪارڪنن مون کي ڌمڪيون ڏنيون

هن چيو ته  جيڪا حقيقت هئي، جيڪو حق ۽ سچ هو  اهو ئي مون ٻڌايو، هن الزام هڻندي چيو ته فضل الرحمان هم جنس پرستي جو پيروڪار آهي آئون پنهنجي بيان تي قائم آهيان

حريم شاهه چيو ته جيڪڏهن مان ڪوڙ ٿي ڳالهايان ته فضل الرحمان منهنجي خلاف ڪيس داخل ڪري، مان ڊڄڻ واري ناهيان، عمران خان تي ڪوڙا الزام مڙهيا ويا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔