موسمياتي تبديليون، گڏيل قومن خبردار ڪري ڇڏيو

نيويارڪ : گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو آهي ته موسمياتي تبديليون قابو کان ٻاهر ٿي چڪيون آهن.

سندس اهو بيان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن غير سرڪاري ڊيٽا موجب لاڳيتو 7 ڏينهن تائين دنيا جو سراسري گرمي پد معمول کان وڌيڪ رهيو ۽ 29 جون کان 5 جولاءِ تاريخ جو گرم ترين هفتو رهيو.

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس هڪ بيان ۾ چيو ته جيڪڏهن ضروري قدم کڻڻ ۾ دير جوسلسلو برقرار رهيو ته اسانهڪ تباهه ڪندڙ صورتحال کي منهن ڏينداسين، ڇو جو لاڳيتو 2 ڏينهن تائين سب کان وڌيڪ گرمي پد جو رڪارڊ بڻيو.

4 جولاءِ تي دنيا جو سراسري گرمي پد 17.18 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو ۽ اهڙيءَ طرح 3 جولاءِ کي 17.01 ڊگري سينٽي گريڊ جو رڪارڊ هڪ ڏينهن بعد ئي ٽٽي ويو.

Maine يونيورسٽي جي موسمياتي ڊيٽا موجب 29 کان 5 جولاءِ دوران روز جو عالمي سراسري گرمي پد 04 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو، جيڪو گذريل 44 سالن ۾ ڪنهن به هفتي ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي.

آمريڪا جي اداري US National Oceanic and Atmospheric Administration (اين او اي اي) ٻڌايو ته اسان ڄاڻو ٿا ته موسمياتي تبديلين سبب اسان گرم موسم مان گذري رهيا آهيون جڏهن ته ايل نينو ۽ گرمين جي موسم سبب سڄي دنيا جي مختلف حصن ۾ رڪارڊ گرمي پد ڏسڻ ۾ آيو.

سائنسدانن موجب موسمياتي تبديليون ۽ ايل نينو سبب گرمي پد ۾ وڌيڪ رڪارڊ واڌ ٿي سگھي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔