سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات

چوماسي جي هوائن سنڌ جو رُخ ڪري ورتو آهي، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي  تيز  ته ڪٿي هلڪي برسات وقفي وقفي سان جاري آهي، موسم خوشگوار ٿي وئي

لاڙڪاڻي ۾ تيز هوا سان گڏ وسڪارو، گرمي جو زور  ٽٽي پيو،  شهداد ڪوٽ،  نئون ديرو، باڊهه، ڏوڪري ۾ وسڪارو پيو

دوداپور ۽ ڀرپاسي ۾ تيز هوا سان گڏ طوفاني برسات، بجلي بند ٿي وئي، رتوديرو ۽ ڀرپاسي ۾ به مينهن وسيو، ڪيترن ئي دڪانن جا ڇپرا اڏامي ويا، مدئجي، ڳيريلو، بهرام ۽ ڀرپاسي ۾ تيز هوا سان برسات پئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔