پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ برسات جي تباهي، 10 کان وڌيڪ ماڻهو فوت

چوماسي جي وسڪارن پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ تباهي مچائي ڇڏي، مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ ٻارن سوڌو 10 کان وڌيڪ فوت ٿي ويا

لاهور ۾ طوفاني وسڪارن جو 30 سالن جو رڪارڊ ٽٽي پيو، 10 ڪلاڪن ۾ 291 ملي ميٽرز جي رڪارڊ ٽوڙ برسات شهر کي ٻوڙي ڇڏيو آهي

لاهور ۾ رستا ۽ گهٽيون جي تلائن ۾ تبديل، پاڻي دڪانن ۽ گهرن ۾ ڪاهي پيو، برسات دوران ڪرنٽ لڳڻ ۽ ڇِتيون ڪرڻ جي نتيجي ۾ ٻن ٻارن سوڌو 7 ڄڻا فوت ٿي ويا

 بلوچستان جي چمن، شيراني، قلعه عبدالله، پشين ۽ زيارت سوڌو ٻين علائقن ۾ تيز هوائن سان برسات، بجلي جا پول ڪري پيا، وڻ پاڙان پٽجي ويا، خيبر پختونخواه جي مختلف علائقن ۾ طوفاني برسات دوران وِڻ ڪِرڻ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔