ترڪيه ۽ مصر ۾ 10 سالن کانپوءِ سفارتي لاڳاپا بحال

مصر: ترڪيه ۽ مصر ۾ 10 سالن کانپوءِ سفارتي لاڳاپا بحال ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب هلندڙ سال ٻنهي ملڪن جي وزارتي سطح تي ڳالهه ٻولهه شروع ٿي ۽ دستاڻي پيغامن جي ڏي وٺ ٿي، جنهن کانپوءِ سفارتي لاڳاپن جي بحالي جو فيصلو ڪيو ويو.
ترڪيه ۽ مصر پنهنجا پنهنجا سفير مقرر ڪري ڇڏيا آهن.
ياد رهي ته ترڪيه 2013 ۾ مصر جي چونڊ صدر محمد مرسي جي معزولي ۽ فوج طرفان اقتدار سنڀالڻ جي مذمت ڪئي هئي، ان کانپوءِ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا متاثر ٿيا هئا.
مصر ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪندڙ تنظيمن جي حمايت تي ترڪ سفير کي بي دخل ڪري ڇڏيو هو، جنهن جي جواب ۾ ترڪيه به مصري سفير کي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔