ڪراچي ۾ گرمي جي ستايل شهرين لاءِ اهم خبر اچي وئي

ڪراچي: چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز ڪراچي ۾ سڀاڻي کان گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.
سردار سرفراز نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته اڄڪلهه ڪراچي ۾ گرمي جي شدت وڌيڪ محسوس ڪئي پئي وڃي پر سڀاڻي کان ان ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي ۽ گرمي پد ۾ هڪ کان 2 گريڊ سينٽي گريڊ گهٽتائي اچي سگهي ٿي.
هن ٻڌايو ته هن وقت سامونڊي هوائون گهلي رهيون آهن پر انهن جي رفتار گهٽ آهي، سامونڊي هوائن جي بحالي سان گرمي پد گهٽجي سگهي ٿو.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ 7 کان 8 جولاءِ دوران ڪٿي هلڪي ته ڪٿي وچولي درجي جي برسات پئجي سگهي ٿي، جڏهن ته 9 جولاءِ تي ڪجهه علائقن ۾ تيز برسات جو به امڪان آهي.
سردار سرفراز چيو ته چوماسي جو سسٽم هن وقت سينٽرل انڊيا ۾ موجود آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ چوماسي جون هوائون 6 جولاءِ جي رات يا 7 جولاءِ جي صبح کان داخل ٿي سگهن ٿيون.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔