فوجي عدالتن ۾ شهرين تي ڪيس: جسٽس فائز عيسيٰ ۽ جسٽس طارق مسعود طرفان بينچ کان الڳ ٿيڻ جو اعلان

فوجي عدالتن ۾ شهرين تي ڪيس: جسٽس فائز عيسيٰ ۽ جسٽس طارق مسعود طرفان بينچ کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

فوجي عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل خلاف درخواستن جي ٻڌڻي شروع ٿيڻ شرط 9 رڪني بينچ مان 2 سينيئر جج ڌار ٿي ويا، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته عدالتي رولز ايڪٽ بابت فيصلو اچڻ تائين اسان هن بينچ ۾ ويهي نه ٿا سگهون

هن چيو ته مان هن بينچ مان اٿي رهيو آهيان، ڪيس ٻڌڻ کان معذرت نه پيو ڪيان، مان هن بينچ کي بينچ تصور نه ٿو ڪيان

جسٽس طارق مسعود چيو ته مان قاضي فائز عيسيٰ سان اتفاق ڪيان ٿو، پهرين سپريم ڪورٽ جي رولز بابت درخواستن کي ٻڌو وڃي، هن ڪيس جو جج فيصلو ڏئي ڇڏيندا ته پوءِ اپيل ڪير ٻڌندو؟

درخواست گذار ۽ وڪيل لطيف کوسا چيو ته هي معاملو 25 ڪروڙ عوام جو آهي، جسٽس طارق مسعود چيو ته عوام جو خيال اڳ ۾ ڇو نه آيو، اهو معاملو جڏهن ايندو تڏهن ڏسنداسين،  درخواست گذار ۽ وڪيل اعتزاز احسن چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ صاحب هن ڪيس ۾ ويهي ٻڌڻي هلايو، هي اهم ڪيس آهي

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اعتزاز احسن صاحب مان توهان جي عزت ڪيان ٿو پر پنهنجي حلف جي ڀڃڪڙي نه ٿو ڪري سگهان، اعتزاز احسن چيو ته هڪ گهر اندر ڪشمڪش ٿيندي آهي

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هيءَ عدالت آهي گهر نه آهي، اعتزاز احسن اهڙي ڳالهه نه ڪيو، اعتزاز احسن چيو ته توهان فيصلو ڪرڻ جا پابند آهيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔