ڪور ڪمانڊر هائوس ڪيس: پي ٽي آءِ چيئرمين سوڌو 5 جوابدار طلب

ڪور ڪمانڊر هائوس لاهور تي حملي واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين سوڌو 5 جوابدارن کي طلبي نوٽيس جاري  ڪيا ويا آهن

جي آءِ ٽي بشريٰ بيبي، حماد اظهر، حسان نيازي ۽ مراد سعيد کي طلب ڪري ورتو آهي

پي ٽي آءِ چيئرمين سوڌو ٻين کي جاري طلبي نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار اڄ رات تائين سرور روڊ ٿاڻي تي داخل ڪيس جي جاچ لاءِ پيش ٿينڍ

نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته سول لائينز ۽ ماڊل ٽائون جا ايس پي پي ٽي آءِ چيئرمين جي پيشي کي يقيني بڻائين

واضح رهي ته 9 مئي واقعن جي ڪيس ۾ قتل، ڀڃ ڊاهه، جلاءُ گهيراءُ ۽ دهشتگردي جا قلم شامل ٿيل آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔