سامونڊي طوفان بابت اين ڊي ايم اي جو اجلاس، اهم هدايتون جاري

اسلام آباد: نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي اهتمام هيٺ سامونڊي طوفان بابت قومي رابطا ڪانفرنس ٿي، جنهن جي صدارت چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ڪئي.
اجلاس ۾ سامونڊي طوفان جي امڪاني خطرن ۽ اڳواٽ تيارين جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ پاڪستان نيوي، موسميات کاتي سميت وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي.

طوفان ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ شدت اختيار ڪري سگهي ٿو
هن چيو ته طوفان 160 کان 180 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اڳڀرائي ڪري رهيو آهي، طوفان 13 کان 14 جون تائين سنڌ جي ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر حصي تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو، طوفان سبب سامونڊي علائقن ۾ تيز آنڌاري، برساتون ۽ ٻوڏ اچي سگهي ٿي.
اين ڊي ايم اي موجب طوفان جي عالمي ماڊلز ذريعي اڳڀرائي تي مسلسل نگراني جاري آهي، 13 کان 17 جون تائين مهاڻا ۽ سياح کليل سمنڊ ڏانهن رُخ نه ڪن.
اٿارٽي وفاق، بلوچستان ۽ سنڌ جي لاڳاپيل ادارن کي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سامونڊي علائقن ۾ ايمرجنسي مشينري ۽ طبي عملي جي موجودگي يقيني بڻائي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔