سامونڊي طوفان بائپر جواءِ سنڌ جي وڌيڪ ويجهو پهچي ويو

ڪراچي: سامونڊي طوفان بائپر جواءِ سنڌ جي وڌيڪ ويجهو پهچي ويو، طوفان ڪراچي کان 470 ڪلوميٽرز ۽ ٺٽي کان 460 ڪلوميٽرز جي فاصلي تي موجود آهي

 اين ڊي ايم اي موجب طوفان 15 جون تي منجهند کانپوءِ سنڌ جي ڪيٽي بندر ۽ ڀارتي گجرات جي وچ واري علائقي سان ٽڪرائيندو

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شديد طوفان جي نتيجي ۾ ٺٽو، بدين، سجاول ۽ ٿرپارڪر ۾ گجگوڙ ۽ طوفاني هوائن سان برساتون پوڻ جا امڪان آهن

ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٽنڊو الهه يار ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ به طوفاني وسڪارن جا امڪان آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔