آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جون ڀرتيون روڪيون وڃن: چيف جسٽس

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ بي اي ٽيسٽ ۾ 33 کان 39 مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي آفر آرڊر نه ملڻ واري ڪيس ۾ وڏو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي،  جنهن دوران تعليم وارو سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري، ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پيش ٿيا

چيف جسٽس سيڪريٽري تعليم کان سوال ڪيو ته هي هارڊ ايريا ۽ سافٽ ايريا ڇا ھوندو آھي؟ جنهن تي سيڪريٽري تعليم ٻڌايو ته اسان ٿاڻي بولا خان، ڪاڇو سميت ٻين علائقن ۾ آرڊرز ڏنا آھن

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ٿاڻو بولا خان ڄامشورو ضلعي ۾ آهي، جتي ٽي وڏيون يونيورسٽيون آهن، توهان ٿاڻي بولا خان کي هارڊ ايريا ڪيئن قرار ڏئي ڇڏيو؟

چيف جسٽس سيڪريٽري تعليم سان مخاطب ٿيندي چيو ته هي سمورو ڊرامو توهان جي سياسي مفادن لاءِ آهي، ھاڻي ڪنهن کي به آرڊر جاري نه ٿيڻ گهرجن

عدالت سڄي سنڌ ۾ استادن جي وڌيڪ ڀرتين تي ڪارروائي روڪڻ جو حڪم ڏنو آهي، چيف جسٽس چيو آهي ته عدالتي حڪم کانپوءِ ڪنهن به اميدوار کي آفر آرڊر نه ڏنو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔