آمريڪا ۾ پلاسٽڪ جي پسٽل ذريعي ڌاڙو هڻندڙ گرفتار

شارلٽ:آمريڪا ۾ پلاسٽڪ جي پسٽل ذريعي دڪان کي ڌاڙو هڻندڙ پوليس جي هٿ چڙهي ويو

2 ڏينهن اڳ ڏکڻ ڪيرولائنا جي علائقي شيرون مان 25 ورهين جي نوجوان ڊيوڊ جوزف پلاسٽڪ جي پسٽل جي زور تي دڪان مان ڌاڙو هنيو هو، ڊيوڊ جوزف کي ڪارروائي دوران دڪاندار 3 سئو ڊالر ڏئي ڇڏيا هئا

پوليس جو چوڻ آهي ته ڌاڙي هڻن وقت ڊيوڊ جي منهن تي ماسڪ هو هن سڄاڻپ لڪائڻ لاءِ وگ به پاتي هئي هن مٿو لڪائڻ واري جيڪٽ به پاتي هئي تنهن باوجود هن کي سڃاڻي ورتو

پوليس موجب ڊيوڊ جوزف کي شاپنگ مال جي پارڪنگ مان گرفتار ڪيو ويو آهي، هن ڏوهه جوبه اعتراف ڪيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔