پاڪستان آءِ ايم ايف کان نئون قرض وٺڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون

اسلام آباد: پاڪستان نگران حڪومت ذريعي آگسٽ ۾ آءِ ايم ايف کان نئون قرض پروگرام وٺڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ذريعن موجب 30 جون تي ختم ٿيندڙ موجوده پروگرام ۾ واڌ جو ڪوبه امڪان نه آهي جڏهن ته نئون پروگرام اڳ کان به وڌيڪ سخت هوندو.

ذريعن موجب پاڪستان نگران حڪومت ذريعي عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) کان نئون قرض پروگرام وٺڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. موجوده پروگرام 30 جون تي ختم ٿيندو جنهن ۾ واڌ جو ڪوبه امڪان نه آهي.

ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته آگسٽ 2023ع ۾ آءِ ايم ايف سان نئون معاهدو ڪرڻ جو پلان آهي. معاشي ٽيم عالمي مالياتي اداري کان نئون  معاهدو ڪرڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن.

ذريعن موجب نئون قرض معاهدو موجوده پروگرام کان وڌيڪ سخت هوندو. آءِ ايم ايف سان نئون بيل آئوٽ پروگرام 3 سالن کان وڌيڪ وقت لاءِ هوندو.

ذريعن موجب ڊسمبر تائين پاڪستان کي 9 کان 11 ارب ڊالر جڏهن ته ايندڙ بجيٽ ۾ گڏيل طور تي 22 کان 24 ارب ڊالر جون پرڏيهي ادائيگون ڪرڻيون پونديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔