ظل شاهه قتل ڪيس: ياسمين راشد سميت پي ٽي اڳواڻن جون ضمانتون رد

لاهور: ظِل شاهه قتل ڪيس ۾ عدالت ڊاڪٽر ياسمين راشد سميت پي ٽي آءِ اڳواڻن جون عبوري ضمانتون رد ڪري ڇڏيون.

ايڊيشنل سيشن جج بلال بيگ ظل شاهه قتل ڪيس جو محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. جنهن موجب سيشن ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ فرخ حبيب، ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ ميان محمودالرشيد جون عبوري ضمانتون رد ڪري ڇڏيون.

عدالت طرفان ٻڌايل فيصلي موجب ضمانتون عام پيروي جي بنياد تي رد ڪيون ويون. ٻئي طرف عدالت فواد چوڌري ۽ راجا شڪيل زمان جي جاچ مڪمل نه ٿيڻ تي عبوري ضمانت ۾ 3 ڏينهن تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. واضح رهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف سرور روز ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔