سنڌ جي 9 ايس ايس پيز جون مقرريون ۽ بدليون

سنڌ پوليس جي 9 ايس ايس پيز جون مقرريون ۽ بدليون ٿيون آهن، ايس ايس پي عرفان سمون کي شڪارپور مان بدلي ڪري ڪشمور ۾ مقرر ڪيو ويو

 ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ کي ايس ايس پي شڪارپور مقرر ڪيو ويو، ايس ايس پي سي ٽي ڊي ڪراچي ساجد امير سدوزئي کي بدلي ڪري حيدرآباد ۾ مقرر ڪيو ويو

ايس ايس پي ڊاڪٽر فرخ رضا کي سي سي پي او مان بدلي ڪري ايس ايس پي ڄامشورو لڳايو ويو، عمران قريشي کان ڄامشورو جي چارج وٺي سي پي او ۾ اي آءِ جي اسٽيٽ مئنيجمينٽ مقرر ڪيو ويو

 ايس ايس پي بشير بروهي کي سانگهڙ مان بدلي ڪري سي ٽي ڊي ڪراچي جون ذميواريون ڏنيون ويون، ايس ايس پي عابد بلوچ کي ٿرپارڪر مان بدلي ڪري ايس ايس پي سانگهڙ مقرر ڪيو ويو، سندس جاءِ تي زاهده پروين کي ايس ايس پي ٿرپارڪر مقرر ڪيو ويو

 ايس ايس پي ٽريفڪ منظور علي کٽياڻ کي ڪراچي مان بدلي ڪري شهيد بينظير آباد ۾ مقرر ڪيو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔