مٿي ۾ گولي لڳڻ بعد دنيا کي اونڌو ڏسندڙ انوکو مريض

اسپين : سائنسدانن 1938 جي هڪ واقعي جا تفصيل شايع ڪري ڇڏيا آهن، جنهن ۾ هڪ شخص جي مٿي ۾ گولي لڳي هئي ۽ ان کي عام منظر ساڄي کان کاٻي ۽ مٿي کان هيٺ اونڌا نظر ايندا هئا. مريض کي ”پيشنٽ ايم“ جو نالو ڏنو ويو هيو، جيڪو 1938 ۾ اسپين جي گهرو ويڙهه دوران گولي سان زخمي ٿيو هيو، ان بعد اهو شين کي ساڄي کان کاٻي ڏسندو هيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن کيس منظر مٿي کان هيٺ اونڌو به نظر ايندو هيو، اهو اونڌي لکيل تحرير ۽ انگ اکر پڙهي سگهندو هيو پر سڌي لکيل تحرير پڙهڻ تي به قادر هيو، ان ۾ ڏسڻ ۽ ڇهڻ جي حس به وڌي چڪي هئي. اهو گهڙي کي ڪهڙي به زاويي کان ڏسي وقت ٻڌائي سگهندو هيو، گولي مٿي جي پٺئين حصي تي لڳي هئي ۽ ڪجهه انچ دوري بعد ٻاهر نڪري وئي هئي. ڪڏهن ڪڏهن اهو ڪلر بلائينڊ ٿي ويندو هيو، جڏهن ته هڪ شئي جا ٽي عڪس به نظر ايندا هئا. ڪيترائي ڀيرا هن ٻڌايو ته شين جا رنگ کيس ٻاهر نڪرندي نظر اچي رهيا آهن. 1940ع ۾ اسپين جي مشهور دماغي ماهر جسٽو گونزيلو مسلسل 50 سالن تائين ان مريض جو جائزو ورتو ۽ حتمي ريسرچ پيپر تازو ئي جسٽو جي موت بعد شايع ٿيو آهي، اها تحقيق نيوريلجيا نالي جرنل ۾ سامهون آئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔