پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن ۾ تيز برسات، مختلف حادثن دوران 7 ڄڻا فوت

لاهور: راولپنڊي، ملتان، فيصل آباد سميت پنجاب، خيبرپختونخواهه، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ تيز برسات ۽ ڳڙو پيو جنهن سبب مختلف حادثن ۾ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا.

تيز برسات ۽ طوفان سبب فصلن ۽ باغن کي نقصان پهتو آهي. لاهور ۾ برسات سبب ليسڪو جا 100 کان وڌيڪ فيڊر ٽرپ ٿي ويا جنهن سبب مختلف علائقن ۾ ڪيترن ڪلاڪن کان بجلي معطل آهي.

ميانوالي ۾ برسات سبب ڀت ڪرڻ ڪري 4 ٻارڙا فوت ٿي ويا. جڏهن ته جهنگ ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 2 ڄڻا فوت ٿي ويا. ملتان ۾ به ڇت ڪرڻ جي واقعن ۾ هڪ ڄڻو فوت جڏهن ته عورت سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. لاهور ۾ تيز طوفان سبب ٽرانسفارمر ۾ شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳي وئي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔