اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت چيو ته شاهه محمود قريشي کي حلفيه بيان ڏيڻ کان پوءِ آزاد ڪيو ويندو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي ٿري ايم پي او تحت گرفتاري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پي ٽي آءِ وائيس چيئرمين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جڏهن ته شاهه محمود قريشي جي ٿري ايم پي او تحت گرفتاري کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

ياد رهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گرفتاري کان پوءِ مڇريل ماڻهن سرڪاري ملڪيتن کي سخت نقصان پهچايو هو. پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي عمران خان جي گرفتاري کان پوءِ ٿري ايم پي او تحت گرفتار ڪيو ويو هو.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔