ڪنهن به آفيسر استعيفا نه ڏني آهي، پاڪ فوج متحد آهي: آءِ ايس پي آر

ڪنهن به آفيسر استعيفا نه ڏني آهي، پاڪ فوج آرمي چيف جي قيادت ۾ متحد آهي، مارشل لا لڳائڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي

پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل احمد شريف چوڌري پنهنجي بيان ۾ چيو ته فوج ۾ ڪنهن به استعيفا نه ڏني آهي ۽ ان حوالي سان گردش ڪندڙ افواهه بي بنياد آهن

هن چيو ته اندروني ۽ بيروني پروپيگنڊا باوجود فوج متحد آهي ۽ متحد رهندي، آرمي چيف جنرل عاصم منير سميت سموري عسڪري قيادت جو جمهوريت تي يقين آهي، فوج کي ورهائڻ جو خواب خواب ئي رهندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔