چيف جسٽس عمران خان کي ڪرپشن ڪيس ۾ اين آر او ڏئي ڇڏيو: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمران خان کي ڪرپشن  ڪيس ۾ اين آر او ڏئي ڇڏيو آهي ۽  هو پنهنجي لاڏلي جي ڪرپشن جو تحفظ ڪري رهيا آهن.

وفاقي ڪابينه اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 60 ارب روپين جي ڪرپشن جو معاملو آهي پر عدليه عمران خان جي تحفظ لاءِ سامهون اچي وئي آهي جيڪڏهن اهڙو سلوڪ ڪرڻو آهي ته ملڪ ۾ جيترا چور ۽ ڌاڙيل آهن انهن سڀني کي ڇڏي ڏيو.

هن چيو ته ميان نوازشريف جو روزاني ٽرائل ٿيندو هو ڪاش عدليه نوازشريف کي به چئي ها ته اوهان کي ڏسي سٺو لڳو پر اهو ٻٽو معيار آهي جنهن انصاف جو جنازو ڪڍي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته 16 ڊسمبر ۽ 1971 کان پوءِ 9 مئي پاڪستان جي لاءِ اونداهي ڏينهن هو هتي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا اهو چيو ويو ته ملڪ جون حالتون سريلنڪا جهڙيون هونديون ۽ اهو منصوبو 2018 کان شروع ٿي چڪو هو، سموري قوم ورهائجي وئي آهي.

هن چيو ته عمران خان فاشسٽ ڊڪٽيٽر آهي جيڪو دعا ڪري رهيو آهي ته ملڪ ڊيفالٽ ٿي وڃي ڪوڙا ڪاغذ ڏيکاري قوم کي ورهايو ويو.

وزيراعظم چيو ته چيف جسٽس عمران خان جي ڪرپشن جو تحفظ ڪري رهيو آهي ۽ چيف جسٽس عمران خان کي ڪرپشن ۾ اين آر او ڏئي ڇڏيو آهي. حڪومت آئين تي سختي سان عمل ڪندي. جيڪي به نتيجا هوندا انهن کي منهن ڏينداسين.

هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو هنگامي اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ جي سياسي، معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. حڪومتي قانوني ٽيم به وفاقي ڪابينه اجلاس ۾ شريڪ ٿي ۽ عمران خان جي گرفتاري ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وفاقي ڪابينه اي سي سي فيصلن جي به منظوري ڏئي ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔