ڪراچي: 12 مئي سانحي کي 16 سال گذري ويا پر قاتل قانون جي پڪڙ کان آزاد

12 مئي سانحي کي 16 سال گذري ويا پر قاتل اڃا تائين قانون جي گرفت کان آزاد آهن، جوابدارن تي فرم جرم عائد ٿيڻ جي باوجود ڪيسن ۾ خاص پيشرفت نه ٿي سگهي

مئي 2007 جي ڏينهن کي ڪراچي وارا ڪڏهن به وساري نٿا سگهن، ان ڏينهن ان وقت جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي استقبال کي روڪڻ جي لاءِ خون جي راند کيڏي وئي هئي، ڪراچي جي رستن تي 50 کان وڌيڪ سياسي ڪارڪنن ۽ شهرين کي قتل ڪيوويو هو

ايم ڪيو ايم اڳواڻ وسيم اختر سميت ڪارڪنن خلاف 26 ۽ مجموعي طور تي 60 ڪيس داخل ٿيا، 12 مئي سانحي جي ڪيس ۾ 10 کان وڌيڪ شاهدن جي بيان قلمبند ڪيا ويا

12مئي سانحي کي 16 سال مڪمل ٿيڻ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا پيا وڃن،  سنڌ جي مختلف شهرن ۾ 12مئي  سانحي خلاف وڪيلن پاران عدالتي  ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري مظاهرا ڪيا پيا وڃن

سکر، دادو، نوشهروفيروز، قمبر سميت  مختلف شهرن ۾ وڪيل عدالتي  ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته 12مئي آمريت کي للڪارڻ جو ڏينهن  آهي، 2007 ۾ ان ڏينهن تي ڪراچي ۾  وڪيلن کي جيئرو ساڙيو ويو

وڪيل اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته عدليا جي آزادي ۽ بالادستي لاءِ آواز اٿارڻ  تي وڪيلن کي شهيد ڪيو ويو، افسوس  قاتل گرفتار ناهن ٿيا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔