عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پهچي ويو، مظاهرين کي ڇڙو ڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس جي شيلنگ، گرفتاريون

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان پهچي ويو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پوليس پاران سخت سڪيورٽي ۾ عمران خان کي پهچايو ويو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي طرفان عمران خان جي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت جي لاءِ درخواست جي ٻڌڻي لاءِ نئين بينچ جوڙي وئي آهي، عمران خان جي بايو ميٽرڪ جي تصديق جو عمل مڪمل  ٿي ويو

 اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ويجهو فوج ۽ پوليس جي طرفان مظاهرين کي ڇڙو ڇڙ ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ويجهو فوج ۽ پوليس جي طرفان مظاهرين کي ڇڙو ڇڙ ڪرڻ جي لاءِ شيلنگ ڪئي وئي آهي

ٻڌايو پيو وڃي ته اسلام آباد پوليس مظاهرين مٿان شيلنگ ڪئي آهي، ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔