عالمي مارڪيٽ ۾ سون سستو، پاڪستان ۾ مهانگو ٿي ويو

ڪراچي: سون جو اگهه ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت ۾ 500 رپيا واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ اهو 2 لک 25 هزار 500 رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون 429 رپيا واڌ سان هڪ لک 93 هزار 330 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي في اونس قيمت 19 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 2017 ڊالر آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔